طلا شاهه جو مقام

طلا شاهه جو مقام

طلا شاهه جو مقام

طلا شاهه جو مقام: هي ماڳ پاٽوين کان پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي تعلقي سنجهوري ۾آهي. طلا شاهه خراساني جي نالي پويان سڏجندڙ هن قبرستان لاءِ چون ٿا ته اصل ميرن جو مقام آهي. هن قبرستان ۾ ٻيا به 8 کن مقبرا آهن. انهن مان هڪ تجر آهي، مقبرن جي حالت سٺي نه آهي. رڳو طلا شاهه جو مقبرو سٺي حال ۾ آهي. ان جي ٻاهران ڪوٽ سمان احاطو ڏنل آهي ۽ ڀر ۾ وڏو وڻن جو جهڳٽو (ڏسڻ مهل) آهي. مقام ۾ ٻيون به سوين قبرون آهن، مقبرن جون ڇتيون گنبذن سان آهن ۽ چوڌاري ڀتين تي چٽسالي ٿيل آهي. اڪثر مقبرن جي ڪنڊن تي ڪوشڪون به ٺهيل آهن. گردا اٺ ڪنڊا آهن. (سواءِ تجر جي) مقام ۾ ڪن هنڌن تي گهاڙين جا اڪريل پٿر، شايد ڇتين جي پيل پاون جون اٿڙيون يا اڇڙيون ۽ پاستون يا پيڙها گنڍڙيل به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو